Office Bearer
ممتاز بخاري
ڊاڪٽر مهر خادم
اختر درگاهي
شوڪت راهي
ممتاز بخاري هڪ مشهور صحافي، اينڪر، ناول نگار، افسانه نويس، ڪالم نگار ۽ تجزيه نگار آهي. هن پنهنجي بصيرت ڀري صحافت ۽ ادبي خدمتن وسيلي ميڊيا ۽ ادب جي ميدان ۾ هڪ معزز مقام حاصل ڪيو آهي. موجوده معاملن تي سندس گهري تجزياتي سوچ ۽ تخليقي لکڻين ڪيترن ئي پڙهندڙن ۽ ناظرين کي متاثر ڪيو آهي. ادب، ثقافت ۽ فنونِ لطيفه جي واڌاري لاءِ سندس بي لوث خدمتن جي اعتراف طور کيس ٻئي ڀيري سکر آرٽس ڪائونسل جو صدر چونڊيو ويو آهي. هو اڄ به ثقافتي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۽ نون اڀرندڙ اديبن، ليکڪن ۽ فنڪارن جي همٿ افزائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
ڊاڪٽر مھر خادم سنڌي ادب جي مشهور شاعر، ليکڪ ۽ محقق طور سڃاتا وڃن ٿا. سندن شاعريءَ ۾ گهريون انساني احساسون، سماجي شعور ۽ فڪري پختگي نمايان نظر اچي ٿي. سندن تحقيقي ۽ ادبي خدمتن سنڌي ادب جي مطالعي کي نئين وسعت بخشي آهي ۽ شاگردن، محققن، عالمن ۽ ادب سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن لاءِ الهام ۽ رهنمائي جو اهم ذريعو بڻيون آهن.
ڊاڪٽر مهرخادم جي نگرانيءَ هيٺ 50 کان وڌيڪ شاگردن ايم.فل ۽ پي.ايڇ.ڊي جون ڊگريون حاصل ڪيون آهن
اختر درگاھي ھڪ ناميارو ۽ مشهور شاعر، ليکڪ، محقق، صوفي اسڪالر ۽ موسيقيءَ جو ماهر آھي. پاڻ 16 ڪتابن جو مصنف ۽ 25 ٻين ڪتابن جو ايڊيٽر آھي. سنڌي ۽ معاشيات ۾ ايم اي جون ڊگريون حاصل ڪيل اٿس. زرعي ترقياتي بئنڪ لميٽيڊ (ZTBL) مان وائيس پريزيڊنٽ جي عهدي تان رٽائر ٿيو. اختر درگاهيءَ کي ادبي خدمتن عيوض ڪيترائي ايوارڊ، شيلڊون ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آھن. قومي ۽ بين الاقوامي سطح جي ڪيترين ئي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪري تحقيقي مقالا پڻ پيش ڪري چڪو آھي. پاڻ هڪ سٺو راڳي (ووڪلسٽ) پڻ آھي ۽ موسيقيءَ جي فن تي گهري دسترس رکي ٿو. پاڻ سنڌي ادبي سنگت روهڙي شاخ جو سيڪريٽري، مرڪزي آڊيٽر ۽ خزانچي پڻ رهي چڪو آھي. ان کان علاوه بيدل يادگار ڪميٽي جو سيڪريٽري پڻ رهيو آھي. سال 2023ع کان وٺي سکر آرٽس ڪائونسل ۾ جنرل سيڪريٽري ۽ ميوزڪ هيڊ طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آھي.
شوڪت راهي سنڌ جو هڪ ناميارو فنڪار، ڊرائنگ ماسٽر، صحافي، ڪالم نگار ۽ برجستو ليکڪ آهي. سندس فني ڏات، فڪري صحافت ۽ ادبي خدمتن سنڌ جي ثقافت، تخليقي اظهار ۽ علمي شعور جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن سبب کيس وسيع پيماني تي مڃتا، عزت ۽ احترام حاصل ٿيو آهي.
سيد ارشد شاهه
ادل سومرو
اياز گل
ڊاڪٽر بدر اڄڻ
تعارف تياريءَ هيٺ آهي
ڊاڪٽر ادل سومرو سنڌي ادب جي نامور شاعرن، اديبن، ڪالم نگارن، افسانه نگارن، محققن ۽ تعليمي ماهرن مان هڪ آهن. هن شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ۾ قائم سنڌي شعبي جي چيئرمين ۽ شيخ اياز چيئر جي ڊائريڪٽر جي حيثيت سان علمي ۽ ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون. سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ تي جامع تحقيقي مقالو لکي هن پي ايڇ ڊي جي اعليٰ ڊگري حاصل ڪئي، جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري طور پڻ ادبي تنظيم جي واڌ ويجهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ڊاڪٽر ادل سومرو شاعري، نثر، ٻاراڻي ادب ۽ تحقيق جي ميدان ۾ ڪيترائي اهم ڪتاب تصنيف ڪيا آهن، جڏهن ته سندس علمي ۽ تحقيقي مقالا به مختلف معتبر رسالن ۽ جرنلن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. سنڌي ادب ۽ تحقيق لاءِ سندس غيرمعمولي خدمتن جي مڃتا طور کيس ڪيترن ئي باوقار اعزازن سان نوازيو ويو آهي، جن ۾ صدارتي ايوارڊ نمايان حيثيت رکي ٿو. سندس ادبي پورهيو فڪري پختگي، فني سونهن، علمي بصيرت ۽ سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت سان اٽل وابستگيءَ جو حسين امتزاج آهي، جيڪو پڙهندڙن، محققن، شاگردن ۽ نوجوان شاعرن لاءِ الهام، رهنمائي ۽ فڪري اتساهه جو مستقل سرچشمو بڻيل آهي.
اياز گل سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ناميارو شاعر، اديب، ڪالم نگار، افسانه نگار، محقق ۽ فوٽوگرافر آهي، جنهن کي جديد سنڌي غزل جي سرواڻ شاعرن مان هڪ جي حيثيت حاصل آهي. سندس شاعريءَ ۾ جديد احساس، فڪري گهرائي، جمالياتي لطافت ۽ ٻوليءَ جي سونهن نمايان طور جلوه گر نظر اچي ٿي، جنهن کيس سنڌي ادب ۾ هڪ منفرد ۽ معتبر مقام عطا ڪيو آهي. هن شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور جي سنڌي شعبي ۾ پروفيسر ۽ چيئرمين طور خدمتون سرانجام ڏنيون، جڏهن ته بعد ۾ سچل چيئر جي ڊائريڪٽر جي حيثيت سان پڻ سنڌي ٻولي، ادب ۽ تحقيق جي واڌاري لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو. اياز گل شاعري، نثر، ادبي تنقيد ۽ تحقيقي ادب جي ميدان ۾ ڪيترائي اهم ۽ معياري ڪتاب تصنيف ڪيا آهن، جيڪي سنڌي ادب جو قيمتي سرمايو شمار ڪيا وڃن ٿا. سندس علمي، ادبي ۽ تحقيقي خدمتن جي اعتراف طور کيس صدارتي ايوارڊ سميت ڪيترن ئي قومي ۽ ادبي اعزازن سان نوازيو ويو آهي. سندس ادبي عظمت ۽ سنڌي ادب لاءِ لازوال خدمتن جي مڃتا طور سکر شهر جي هڪ شاهراهه کي سندس نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي، جيڪو سندس ادبي مقام ۽ عوامي مقبوليت جو روشن ثبوت آهي.
تعارف تياريءَ هيٺ آهي
عبدالقدير انصاري
سيد نور رضوي
طارق عزيز ڪولاچي
ڊاڪٽر عبداللطيف انصاري
عبدالقدير انصاري سنڌي ادب جو ناميارو اديب، شاعر، نقاد ۽ سکر آرٽس ڪائونسل جي بورڊ آف گورنرز (BOG) جو سرگرم ميمبر آهي. هن پنهنجي تخليقي صلاحيتن، فڪر انگيز شاعري ۽ معياري ادبي تنقيد وسيلي سنڌي ادب کي قيمتي علمي ۽ ادبي سرمايو ڏنو ڪيو آهي. سندس قلم هميشه ادب، ثقافت ۽ سماجي شعور جي واڌاري لاءِ وقف رهيو آهي، جنهن سبب کيس ادبي، علمي ۽ ثقافتي حلقن ۾ وڏي عزت، مڃتا ۽ وقار حاصل آهي. سکر آرٽس ڪائونسل سان وابسته حيثيت ۾ هو ادبي، فني ۽ ثقافتي سرگرمين جي سرپرستي، همٿ افزائي ۽ فروغ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ۽ سنڌ جي علمي ۽ ثقافتي ورثي کي نئين نسل تائين منتقل ڪرڻ لاءِ مسلسل ڪوشان آهي.
تعارف تياريءَ هيٺ آهي
تعارف تياريءَ هيٺ آهي
ڊاڪٽر عبد اللطيف انصاري هڪ نامور ليکڪ، شاعر، محقق ۽ تعليمي ماهر آهن، جن جون علمي، ادبي ۽ تحقيقي خدمتن، سنڌي ٻولي ۽ ادب کي نئين سگهه بخشي آهي. هو پنهنجي علمي تحقيق، تخليقي لکڻين ۽ ادبي خدمتن سبب وڏي سڃاڻپ رکن ٿا. ڊاڪٽر عبداللطيف انصاريءَ جڳ مشهور اديب رشيد ڀٽيءَ جي ادبي خدمتن تي تحقيقي مقالو لکي پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. ڊاڪٽر عبداللطيف انصاري سکر آرٽس ڪائونسل جي ويب سائيٽ جا ويب ڊزائنر پڻ آهن، جتي هو اداري جي ڊجيٽل سڃاڻپ کي مضبوط ۽ مؤثر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هو سکر آرٽس ڪائونسل جي بورڊ آف گورنرز (BOG) جا ميمبر پڻ آهن، جتي هو ادب، فنونِ لطيفه، ثقافت ۽ سماجي لاڳاپن جي واڌاري لاءِ نون خيالن، عملي قدمن ۽ انتھائي لگن سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن
منظور بيدار
آفتاب محمود ملڪ
جبار مهر
محمد علي ميتلو
تعارف تياريءَ هيٺ آهي
تعارف تياريءَ هيٺ آهي
تعارف تياريءَ هيٺ آهي
تعارف تياريءَ هيٺ آهي




