Introduction
Sukkur Arts Council: A Cultural Beacon
سکر آرٽس ڪائونسل: ثقافتي ورثي جو امين
سکھر آرٹس کونسل :ادب، ثقافت اور فنونِ لطیفہ کا درخشاں مرکز
The Sukkur Arts Council stands as one of the most prestigious cultural institutions in Upper Sindh, dedicated to the preservation, promotion, and advancement of literature, music, visual arts, drama, history, and cultural heritage. More than an organization, it is a vibrant center of intellectual thought and artistic excellence where creativity flourishes, traditions are preserved, and emerging talent is nurtured.
Housed in a magnificent and spacious purpose-built facility, the Council provides an inspiring environment for writers, poets, musicians, painters, actors, scholars, researchers, and art enthusiasts. It serves as a meeting point where ideas are exchanged, cultures are celebrated, and artistic excellence is encouraged.
Organizational Structure
The Sukkur Arts Council is governed by a visionary Governing Body committed to promoting cultural development throughout the region. The Council is led by the President, Vice-President, General Secretary, Joint Secretary, Finance Secretary, and the esteemed Members of the Governing Body, who collectively provide strategic leadership and administrative oversight.
To ensure specialized attention to every discipline, the Council operates through the following departments:
- Literature
- Music
- History & Heritage
- Drama
- Information Technology
- Arts & Drawing
Each department is headed by a dedicated Convener and supported by a team of at least three active members, ensuring effective planning, management, and execution of cultural, educational, and artistic activities.
The Intellectual Collective
The true strength of the Sukkur Arts Council lies in its remarkable community of more than 100 plus distinguished members, comprising celebrated writers, poets, musicians, artists, historians, actors, researchers, educationists, and cultural practitioners.
Their collective experience, scholarship, and artistic achievements have established the Council as one of the leading intellectual and cultural forums in Sindh. Through their dedication and collaboration, the Council continues to foster meaningful dialogue, preserve cultural identity, and inspire future generations.
Infrastructure & Facilities
The Council is equipped with a modern and well-designed infrastructure that caters to a wide range of artistic and cultural activities.
Seengar Ali Saleem Auditorium
The prestigious Seengar Ali Saleem Auditorium serves as the Council’s flagship venue for major cultural festivals, literary conferences, musical performances, theatrical productions, seminars, and public ceremonies.
Creative & Administrative Spaces
The Council also houses a variety of specialized facilities, including:
- President’s Office
- Members’ Room
- Information Technology (IT) Centre
- Music Room
- Music Head Teacher’s Office
- Art Gallery
- Museum
- Canteen
These facilities provide an ideal environment for learning, creativity, research, exhibitions, and collaboration.
Event Venues
In addition to its main auditorium, the Council features:
- Two fully equipped halls suitable for seminars, workshops, meetings, and indoor programs accommodating up to 150 participants.
- A spacious open-air venue designed for large-scale cultural festivals, musical concerts, theatrical performances, and public celebrations.
Educational Initiatives
As part of its commitment to lifelong learning and professional development, the Sukkur Arts Council regularly organizes training programmes and workshops in diverse disciplines, including:
- Music Teacher Training
- Fine Arts & Drawing
- Artificial Intelligence (AI)
- Information Technology and Digital Skills
These educational initiatives empower students, artists, teachers, and young professionals by equipping them with both traditional artistic knowledge and contemporary technological skills.
Our Vision
The Sukkur Arts Council envisions a society where art, literature, culture, and innovation thrive together. By preserving our rich cultural heritage while embracing modern ideas and emerging technologies, the Council strives to build bridges between generations, inspire creativity, and promote social harmony through artistic expression.
The Sukkur Arts Council is more than a cultural institution—it is a living symbol of creativity, heritage, knowledge, and community. Through its visionary leadership, distinguished membership, world-class facilities, and unwavering commitment to education and the arts, the Council continues to illuminate the cultural landscape of Sindh. As it moves confidently toward the future, the Sukkur Arts Council remains steadfast in its mission to nurture talent, celebrate diversity, preserve our priceless heritage, and inspire generations to come through the transformative power of art and culture.
سکر آرٽس ڪائونسل اتر سنڌ جي باوقار ۽ نمايان ثقافتي ادارن مان هڪ آهي، جيڪو ادب، موسيقي، مصوري، ڊرامي، تاريخ ۽ ثقافتي ورثي جي تحفظ، فروغ ۽ ترقيءَ لاءِ وقف آهي. هي ادارو رڳو هڪ تنظيم نه، پر فڪر، تخليق ۽ جمالياتي شعور جو اهڙو زنده مرڪز آهي، جتي فنونِ لطيفه جي آبياري ڪئي وڃي ٿي، ثقافتي روايتن کي محفوظ رکيو وڃي ٿو ۽ نون باصلاحيت فنڪارن ۽ اديبن جي رهنمائي ۽ همٿ افزائي ڪئي وڃي ٿي.
شاندار، وسيع ۽ جديد طرز تي تعمير ڪيل عمارت ۾ قائم سکر آرٽس ڪائونسل اديبن، شاعرن، موسيقارن، مصورن، اداڪارن، محققن، عالمن ۽ فن سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن لاءِ هڪ سازگار ماحول فراهم ڪري ٿو. هي ادارو فڪري ڏي وٺ، ثقافتي هم آهنگي ۽ فني تخليق جي واڌ ويجهه لاءِ هڪ اهم مرڪز جي حيثيت رکي ٿو.
انتظامي ڍانچو
سکر آرٽس ڪائونسل جي انتظامي ذميواري بورڊ آف گورنرز جي حوالي آهي، جيڪو علائقي ۾ ثقافتي سرگرمين جي فروغ ۽ ترقي لاءِ سرگرم عمل رهي ٿو. ڪائونسل جي قيادت صدر، نائب صدر، جنرل سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري، فنانس سيڪريٽري ۽ بورڊ آف گورنرز جي معزز ميمبرن تي مشتمل آهي، جيڪي گڏيل طور اداري جي پاليسي، منصوبابندي، انتظام ۽ ترقيءَ جي ذميوارين کي سرانجام ڏين ٿا.
فن ۽ ادب جي هر شعبي کي مؤثر انداز ۾ ترقي ڏيڻ لاءِ ڪائونسل هيٺين شعبن تي مشتمل آهي:
ادب
موسيقي
تاريخ ۽ ثقافتي ورثو
ڊرامو
انفارميشن ٽيڪنالاجي
آرٽ، ڊرائنگ ۽ مصوري
هر شعبي جي سربراهي هڪ ڪنوينر ڪندو آهي، جنهن سان گڏ گهٽ ۾ گهٽ ٽي سرگرم ميمبر شامل هوندا آهن، جيڪي گڏجي علمي، ثقافتي، فني ۽ انتظامي سرگرمين جي رٿابندي ۽ ڪامياب انعقاد کي يقيني بڻائيندا آهن.
علمي ۽ ادبي سرمايو
سکر آرٽس ڪائونسل جا 100 کان وڌيڪ معزز ميمبر آهن، جن ۾ ناميارا اديب، شاعر، موسيقار، فنڪار، مؤرخ، اداڪار، محقق، تعليمي ماهر ۽ ثقافتي شخصيتون شامل آهن. انهن جي علمي بصيرت، تخليقي صلاحيتن ۽ بي مثال خدمتن سکر آرٽس ڪائونسل کي سنڌ جي اهم علمي ۽ ثقافتي مرڪزن مان هڪ ممتاز مقام عطا ڪيو آهي. سندن گڏيل ڪوششن وسيلي ڪائونسل علمي، ثقافتي شعور، قومي سڃاڻپ ۽ تخليقي روايتن کي هٿي ڏيندي ايندڙ نسلن لاءِ روشن راهون هموار ڪري رهي آهي.
بنيادي ڍانچو ۽ سهولتون
سکر آرٽس ڪائونسل کي هڪ جديد، وسيع ۽ هر قسم جي فني ۽ ثقافتي ضرورتن کي پورو ڪندڙ عمارت آهي، جيڪا مختلف قسمن جي تخليقي ۽ علمي سرگرمين لاءِ بهترين سهولتون مهيا ڪري ٿي.
سينگار علي سليم آڊيٽوريم
شاندار سنگر علي سليم آڊيٽوريم ڪائونسل جو مرڪزي ۽ اهم ثقافتي مرڪز آهي، جتي ادبي ڪانفرنسون، موسيقيءَ جون محفلون، ڊراما، سيمينار، ثقافتي ميلا ۽ اهم عوامي تقريبون منعقد ڪيون وينديون آهن.
تخليقي ۽ انتظامي سهولتون
سکر آرٽس ڪائونسل ۾ آڊيٽوريم کان علاوه مختلف آفيسون وغيره پڻ موجود آهن جن ۾ :
صدر جو دفتر، ميمبرن جو ڪمرو، انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) سينٽر، موسيقيءَ جو ڪمرو، موسيقي شعبي جي هيڊ ، ٽيچر جو دفتر، آرٽ گيلري، ميوزيم ۽ ڪينٽين وغيره شامل آهن. اهي سڀئي سهولتون سکيا، تحقيق، تخليق، فن پارن جي نمائش ۽ علمي توڙي ثقافتي رابطن لاءِ بهترين ماحول فراهم ڪن ٿيون.
تقريبن لاءِ جايون
مرڪزي آڊيٽوريم کان علاوه ڪائونسل وٽ ٻه جديد ۽ مڪمل سهولتن سان ليس هال موجود آهن، جتي تقريباً 150 شرڪت ڪندڙن جي گنجائش سان سيمينار، ورڪشاپون، گڏجاڻيون ۽ ٻين نوعيت جون تقريبون منعقد ڪري سگهجن ٿيون. هڪ وسيع کليل ميدان پڻ موجود آهي، جيڪو وڏن ثقافتي ميلن، موسيقيءَ جي محفلن، ڊرامن ۽ عوامي تقريبن لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي.
تعليمي ۽ تربيتي سرگرميون
سکر آرٽس ڪائونسل علم، فن ۽ پيشاورانه صلاحيتن جي واڌ ويجهه کي پنهنجي بنيادي ذميوارين مان سمجهي ٿو. انهيءَ مقصد لاءِ ڪائونسل باقاعدگي سان مختلف تربيتي ڪورس، ورڪشاپس ۽ مهارت وڌائڻ وارا پروگرام منعقد ڪندي رهي ٿي، جن ۾ موسيقيءَ ۾ ٽيچر ٽريننگ، فنونِ لطيفه ۽ مصوري، مصنوعي ذهانت (Artificial Intelligence – AI)، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل مهارتون شامل آهن. اهي پروگرام شاگردن، استادن، فنڪارن ۽ نوجوانن کي روايتي فني مهارتن سان گڏ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي ڄاڻ ۽ عملي صلاحيتن سان پڻ آراسته ڪن ٿا.
سکر آرٽس ڪائونسل اهڙي سماج جي تعمير جو عزم رکي ٿي، جتي ادب، فن، ثقافت ۽ جدت گڏجي ترقي ڪن. اسان جو مقصد پنهنجي عظيم ثقافتي ورثي جي حفاظت ڪندي جديد فڪر، سائنسي سوچ ۽ تخليقي لاڙن کي هٿي ڏيڻ، نسلن جي وچ ۾ فڪري پل جوڙڻ ۽ فن جي وسيلي امن، هم آهنگي ۽ انساني قدرن کي فروغ ڏيڻ آهي.
سکر آرٽس ڪائونسل رڳو هڪ ثقافتي ادارو نه، پر علم، فن، تهذيب، ثقافتي ورثي ۽ سماجي يڪجهتيءَ جي زندهه علامت آهي. پنهنجي مدبر قيادت، نامور ميمبرن، جديد سهولتن ۽ فنونِ لطيفه جي بي لوث خدمت وسيلي هي ادارو سنڌ جي ثقافتي افق کي مسلسل روشن ڪري رهيو آهي. مستقبل ڏانهن اعتماد سان اڳتي وڌندي، سکر آرٽس ڪائونسل پنهنجي عزم تي قائم آهي ته تخليقي صلاحيتن کي پروان چڙهائيندي، ثقافتي ورثي کي محفوظ رکندي، فن ۽ ادب جي واڌاري لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري رکندي ۽ ايندڙ نسلن کي علم، حسن، تخليق ۽ ثقافت جو هڪ شاندار ۽ دائمي ورثو منتقل ڪندي.
سکھر آرٹس کونسل شمالی سندھ کے نمایاں اور باوقار ثقافتی اداروں میں شمار ہوتی ہے، جو ادب، موسیقی، مصوری، ڈرامہ، تاریخ اور ثقافتی ورثے کے تحفظ، فروغ اور ترقی کے لیے سرگرمِ عمل ہے۔ یہ ادارہ صرف ایک تنظیم نہیں بلکہ علم، فکر، تخلیق اور جمالیاتی شعور کا ایک متحرک مرکز ہے، جہاں فنونِ لطیفہ کی آبیاری، ثقافتی روایات کا تحفظ اور نئی نسل کے ادیبوں، فنکاروں اور تخلیق کاروں کی حوصلہ افزائی کی جاتی ہے۔
جدید طرزِ تعمیر پر مشتمل اپنی وسیع و عریض عمارت میں قائم سکھر آرٹس کونسل ادیبوں، شاعروں، موسیقاروں، مصوروں، اداکاروں، محققین، دانشوروں اور ثقافت سے وابستہ افراد کے لیے ایک مثالی علمی و تخلیقی ماحول فراہم کرتی ہے۔ یہ ادارہ فکری تبادلے، ثقافتی ہم آہنگی، تخلیقی اظہار اور سماجی شعور کے فروغ میں ایک مؤثر کردار ادا کر رہا ہے۔
انتظامی ڈھانچہ
سکھر آرٹس کونسل کی انتظامی ذمہ داریاں بورڈ آف گورنرز کے سپرد ہیں، جو ادارے کی پالیسی سازی، منصوبہ بندی، ترقی اور ثقافتی سرگرمیوں کی نگرانی کرتا ہے۔
کونسل کی قیادت درج ذیل عہدوں پر مشتمل ہے:
صدر
نائب صدر
جنرل سیکریٹری
جوائنٹ سیکریٹری
فنانس سیکریٹری
بورڈ آف گورنرز کے معزز اراکین
یہ تمام عہدیداران باہمی تعاون اور مشاورت کے ذریعے ادارے کے انتظامی، علمی، ادبی اور ثقافتی امور کو مؤثر انداز میں انجام دیتے ہیں۔
شعبہ جات
ادب و فن کی مختلف جہتوں کو فروغ دینے کے لیے کونسل کے تحت درج ذیل شعبہ جات قائم کیے گئے ہیں:
ادب
موسیقی
تاریخ اور ثقافتی ورثہ
ڈرامہ
انفارمیشن ٹیکنالوجی
آرٹ، ڈرائنگ اور مصوری
ہر شعبے کی سربراہی ایک کنوینر کرتا ہے، جبکہ اس کے ساتھ کم از کم تین فعال اراکین شامل ہوتے ہیں، جو سال بھر مختلف علمی، ادبی، فنی اور ثقافتی سرگرمیوں کی منصوبہ بندی اور انعقاد میں اپنا کردار ادا کرتے ہیں۔
اراکین اور علمی سرمایہ
سکھر آرٹس کونسل کے ایک سو سے زائد معزز اراکین ہیں، جن میں ممتاز ادیب، شاعر، موسیقار، مصور، اداکار، مؤرخ، محققین، ماہرینِ تعلیم اور ثقافتی شخصیات شامل ہیں۔ ان کی علمی بصیرت، تخلیقی صلاحیتوں اور گراں قدر خدمات نے کونسل کو سندھ کے نمایاں علمی اور ثقافتی مراکز میں ایک منفرد مقام عطا کیا ہے۔
ان معزز اراکین کی مشترکہ کاوشوں کے ذریعے کونسل قومی شناخت، ثقافتی شعور، ادبی روایت اور تخلیقی اقدار کو فروغ دیتے ہوئے نئی نسل کی فکری و فنی رہنمائی کا فریضہ انجام دے رہی ہے۔
بنیادی ڈھانچہ اور سہولیات
سکھر آرٹس کونسل ایک جدید، وسیع اور ہمہ جہت عمارت کی حامل ہے، جو علمی، ادبی، ثقافتی اور تخلیقی سرگرمیوں کے انعقاد کے لیے بہترین سہولیات فراہم کرتی ہے۔
سنگر علی سلیم آڈیٹوریم
سنگر علی سلیم آڈیٹوریم کونسل کا مرکزی ثقافتی مرکز ہے، جہاں ادبی کانفرنسیں، موسیقی کی محفلیں، ڈرامے، سیمینار، قومی و ثقافتی تقریبات، اعزازی تقاریب اور دیگر اہم پروگرام منعقد کیے جاتے ہیں۔
تخلیقی اور انتظامی سہولیات
کونسل میں درج ذیل سہولیات موجود ہیں:
صدر کا دفتر
اراکین کا کمرہ
انفارمیشن ٹیکنالوجی (آئی ٹی) سینٹر
موسیقی کا کمرہ
شعبۂ موسیقی کے سربراہ کا دفتر
اساتذہ کا دفتر
آرٹ گیلری
میوزیم
کینٹین
یہ تمام سہولیات تعلیم، تحقیق، تخلیقی سرگرمیوں، فن پاروں کی نمائش اور ثقافتی روابط کے فروغ کے لیے سازگار ماحول فراہم کرتی ہیں۔
سیمینار ہالز اور اوپن ایئر ایونٹ ایریا
مرکزی آڈیٹوریم کے علاوہ کونسل کے پاس دو جدید اور مکمل سہولیات سے آراستہ ہال موجود ہیں، جہاں تقریباً 150 شرکاء کی گنجائش کے ساتھ سیمینار، ورکشاپس، تربیتی پروگرام، اجلاس اور دیگر علمی سرگرمیاں منعقد کی جا سکتی ہیں۔
اس کے علاوہ ایک وسیع اوپن ایئر ایونٹ ایریا بھی موجود ہے، جو ثقافتی میلوں، موسیقی کی محفلوں، ڈراموں، عوامی اجتماعات اور بڑے پیمانے کی تقریبات کے انعقاد کے لیے مختص کیا گیا ہے۔
تعلیمی اور تربیتی پروگرام
سکھر آرٹس کونسل علم، فن اور پیشہ ورانہ مہارتوں کے فروغ کو اپنی بنیادی ترجیحات میں شامل کرتی ہے۔ اسی مقصد کے تحت ادارہ باقاعدگی سے مختلف تربیتی کورسز، ورکشاپس اور اسکل ڈویلپمنٹ پروگرامز منعقد کرتا ہے، جن میں:
موسیقی میں ٹیچر ٹریننگ
فنونِ لطیفہ اور مصوری
مصنوعی ذہانت
انفارمیشن ٹیکنالوجی
ڈیجیٹل مہارتیں
شامل ہیں۔ ان پروگراموں کے ذریعے طلبہ، اساتذہ، فنکاروں اور نوجوانوں کو روایتی فنی مہارتوں کے ساتھ جدید ٹیکنالوجی سے متعلق عملی تربیت بھی فراہم کی جاتی ہے۔
ہمارا وژن
سکھر آرٹس کونسل ایک ایسے معاشرے کی تشکیل پر یقین رکھتی ہے جہاں ادب، فن، ثقافت، تحقیق اور جدت ایک دوسرے کے ساتھ ہم آہنگ ہو کر ترقی کریں۔ ادارہ اپنے عظیم ثقافتی ورثے کے تحفظ کے ساتھ ساتھ جدید فکری رجحانات، سائنسی شعور، تخلیقی صلاحیتوں اور بین الثقافتی روابط کے فروغ کے لیے مسلسل کوشاں ہے۔
ہمارا عزم
سکھر آرٹس کونسل علم، ادب، فنونِ لطیفہ، ثقافتی ورثے اور سماجی ہم آہنگی کی ایک زندہ علامت ہے۔ اپنی مدبر قیادت، ممتاز اراکین، جدید سہولیات اور بے لوث خدمات کے ذریعے یہ ادارہ سندھ کی ثقافتی شناخت کو مزید مضبوط بنانے میں نمایاں کردار ادا کر رہا ہے۔
ہم اس عزم کے ساتھ آگے بڑھ رہے ہیں کہ تخلیقی صلاحیتوں کو فروغ دیں، ثقافتی ورثے کی حفاظت کریں، نوجوان نسل کی علمی و فنی رہنمائی کریں اور آنے والی نسلوں کے لیے علم، فن، حسن اور ثقافت کا ایک پائیدار اور قابلِ فخر ورثہ چھوڑ جائیں۔




