Join me on my journey to a healthier lifestyle
اسان جو خواب
• سکر آرٽس ڪائونسل کي صرف هڪ عمارت نه، پر فن، ثقافت، تخليق ۽ نوجوانن جي تربيت جو مرڪز بڻائڻ۔
• سکر آرٽس ڪائونسل کي فنڪارن جو آسرو، تخليق جو گهر ۽ ثقافت جو مرڪز بڻائڻ۔
اسان جو عزم
• فن ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ جوڳا قدم کڻڻ۔
ميوزڪ ٽيچر ٽريننگ ڪورس
• راڳ، ساز ۽ آواز جي سائنسي ۽ عملي تربيت، سرن جي سڃاڻپ ۽ سازن جي زبان سيکارڻ۔
• ماهر استادن ۽ ناميارن گلوڪارن جي نگراني ۾ ڪلاس۔
• نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ گهريلو ماحول کي يقيني بڻائڻ۔
ڊرائنگ ۽ فائن آرٽس ڪورس
• رنگ مان خيال ۽ فن مان سڃاڻپ پيدا ڪرڻ۔
• ڊرائنگ، پينٽنگ ۽ گرافيليڪي فن جي جديد انداز ۾ ماهر استادن جي نگرانيءَ ۾ سکيا۔
• ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ الڳ الڳ سطح تي ڪلاسن جو انعقاد۔
• نمائشون (Exhibitions) ڪرائڻ ۽ سرٽيفڪيٽس ڏيڻ۔
اداڪاري ۽ ٿيٽر ٽريننگ ڪورس
• لفظن کي جيئرو ڪرڻ، ڪردارن کي روح ڏيڻ ۽ اسٽيج کي اسڪول بڻائڻ۔
• اسٽيج، ٽي وي ۽ فلم لاءِ اداڪاري جي سکيا۔
• ڊائلاگ ڊليوري، جسماني حرڪتون ۽ ڪردار نگاري جي تربيت۔
• ڇهه ماهي ڊراما ۽ ٿيٽر فيسٽيول منعقد ڪرڻ۔
آئي ٽي ۽ ڊجيٽل اسڪلس ڪورس
• ڪمپيوٽر بابت بنيادي معلومات ڏيڻ۔
• گرافڪ ڊيزائن ۽ وڊيو ايڊيٽنگ جي سکيا۔
• ويب ڊزائننگ جي سکيا۔
• سوشل ميڊيا ۽ ڊجيٽل مارڪيٽنگ جي سکيا۔
• فنڪارن ۽ اديبن کي جديد دور سان جوڙڻ ۽ ڊجيٽل دنيا ۾ سڃاڻپ پيدا ڪرڻ۔
• فنڪارن ۽ اديبن کي آن لائن پليٽفارم مهيا ڪرڻ۔
ثقافتي سرگرميون ۽ پروگرام
• موسيقي جون محفلون، ادبي ويهڪون ۽ مشاعرا ڪرائڻ۔
• گذري ويل ڏاهن، اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن بابت پروگرام ڪري کين مڃتا ڏيڻ۔
• نوجوانن جي ادبي شعور کي وڌائڻ لاءِ مذاڪرا ۽ سيشن ڪرائڻ۔
• ٻولي ۽ فن جو معيشت سان باهمي تعلق قائم ڪرڻ۔
• لوڪ ميلا ۽ ٿيٽر فيسٽيول ڪرائڻ۔
• سنڌي قومي ثقافت جي واڌ لاءِ پروگرام ڪرائڻ۔
• نون فنڪارن لاءِ اوپن اسٽيج پروگرام ڪرائڻ۔
اداري جي سڌاري ۽ شفافيت
• سکر آرٽس ڪائونسل ۾ شفاف ۽ ذميوار انتظام کي يقيني بڻائڻ۔
• فنڪارن ۽ ميمبرن جي ڏنل راين سان گڏيل فيصلا ڪرڻ۔
• سالياني ڪارڪردگي رپورٽ ۽ مالياتي رپورٽ پبلش ڪرڻ۔
• هر سال آڊٽ رپورٽ پبلش ڪرڻ۔
• فنڪارن لاءِ مالي حوالي سان مرڪزي پاليسي جوڙڻ۔
• احتساب ۽ ايمانداري کي فروغ ڏيڻ۔
• فنڪارن لاءِ فلاحي فنڊ (Endowment Fund) قائم ڪرڻ۔
• ضرورت مند ۽ بيمار فنڪارن لاءِ مالي سهائتا جا قدم کڻڻ۔
اسان جا نعرا
• ڳالهيون نه — صرف ڪم
• ذات نه — صرف صلاحيت
• دعوى نه — صرف خدمت
.
Latest news updates
Admissions are open
Contact office for details