sample page

اسان جو خواب • سکر آرٽس ڪائونسل کي صرف هڪ عمارت نه، پر فن، ثقافت، تخليق ۽ نوجوانن جي تربيت جو مرڪز بڻائڻ۔ • سکر آرٽس ڪائونسل کي فنڪارن جو آسرو، تخليق جو گهر ۽ ثقافت جو مرڪز بڻائڻ۔ اسان جو عزم • فن ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ جوڳا قدم کڻڻ۔ ميوزڪ ٽيچر ٽريننگ ڪورس • راڳ، ساز ۽ آواز جي سائنسي ۽ عملي تربيت، سرن جي سڃاڻپ ۽ سازن جي زبان سيکارڻ۔ • ماهر استادن ۽ ناميارن گلوڪارن جي نگراني ۾ ڪلاس۔ • نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ گهريلو ماحول کي يقيني بڻائڻ۔ ڊرائنگ ۽ فائن آرٽس ڪورس • رنگ مان خيال ۽ فن مان سڃاڻپ پيدا ڪرڻ۔ • ڊرائنگ، پينٽنگ ۽ گرافيليڪي فن جي جديد انداز ۾ ماهر استادن جي نگرانيءَ ۾ سکيا۔ • ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ الڳ الڳ سطح تي ڪلاسن جو انعقاد۔ • نمائشون (Exhibitions) ڪرائڻ ۽ سرٽيفڪيٽس ڏيڻ۔ اداڪاري ۽ ٿيٽر ٽريننگ ڪورس • لفظن کي جيئرو ڪرڻ، ڪردارن کي روح ڏيڻ ۽ اسٽيج کي اسڪول بڻائڻ۔ • اسٽيج، ٽي وي ۽ فلم لاءِ اداڪاري جي سکيا۔ • ڊائلاگ ڊليوري، جسماني حرڪتون ۽ ڪردار نگاري جي تربيت۔ • ڇهه ماهي ڊراما ۽ ٿيٽر فيسٽيول منعقد ڪرڻ۔ آئي ٽي ۽ ڊجيٽل اسڪلس ڪورس • ڪمپيوٽر بابت بنيادي معلومات ڏيڻ۔ • گرافڪ ڊيزائن ۽ وڊيو ايڊيٽنگ جي سکيا۔ • ويب ڊزائننگ جي سکيا۔ • سوشل ميڊيا ۽ ڊجيٽل مارڪيٽنگ جي سکيا۔ • فنڪارن ۽ اديبن کي جديد دور سان جوڙڻ ۽ ڊجيٽل دنيا ۾ سڃاڻپ پيدا ڪرڻ۔ • فنڪارن ۽ اديبن کي آن لائن پليٽفارم مهيا ڪرڻ۔ ثقافتي سرگرميون ۽ پروگرام • موسيقي جون محفلون، ادبي ويهڪون ۽ مشاعرا ڪرائڻ۔ • گذري ويل ڏاهن، اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن بابت پروگرام ڪري کين مڃتا ڏيڻ۔ • نوجوانن جي ادبي شعور کي وڌائڻ لاءِ مذاڪرا ۽ سيشن ڪرائڻ۔ • ٻولي ۽ فن جو معيشت سان باهمي تعلق قائم ڪرڻ۔ • لوڪ ميلا ۽ ٿيٽر فيسٽيول ڪرائڻ۔ • سنڌي قومي ثقافت جي واڌ لاءِ پروگرام ڪرائڻ۔ • نون فنڪارن لاءِ اوپن اسٽيج پروگرام ڪرائڻ۔ اداري جي سڌاري ۽ شفافيت • سکر آرٽس ڪائونسل ۾ شفاف ۽ ذميوار انتظام کي يقيني بڻائڻ۔ • فنڪارن ۽ ميمبرن جي ڏنل راين سان گڏيل فيصلا ڪرڻ۔ • سالياني ڪارڪردگي رپورٽ ۽ مالياتي رپورٽ پبلش ڪرڻ۔ • هر سال آڊٽ رپورٽ پبلش ڪرڻ۔ • فنڪارن لاءِ مالي حوالي سان مرڪزي پاليسي جوڙڻ۔ • احتساب ۽ ايمانداري کي فروغ ڏيڻ۔ • فنڪارن لاءِ فلاحي فنڊ (Endowment Fund) قائم ڪرڻ۔ • ضرورت مند ۽ بيمار فنڪارن لاءِ مالي سهائتا جا قدم کڻڻ۔ اسان جا نعرا • ڳالهيون نه — صرف ڪم • ذات نه — صرف صلاحيت • دعوى نه — صرف خدمت .
Latest news updates
Admissions are open
Contact office for details